سنڌ ڪهاڻي

سنڌ ڪهاڻي

سنڌ ڪهاڻي

سنڌ ڪهاڻي (ڪتاب): هي ڪتاب هندستان جي مشهور سياستدان ۽ ليـکـڪ، ڪيول ملـڪـاڻيءَ جي 1921ع ۾ ڇـپـيـل انگريزي ڪتاب ’The Sindh Story‘ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو نامياري ليکڪ ۽ مترجم ولي رام ولڀ ڪيو آهي، پهرين ان جا چار باب ماهوار ’پروڙ‘ جي 1990ع ۽ 1991ع جي پرچن ۾ شايع ٿيا ۽ ڪتابي صورت ۾ ان جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾، ڪجهه اڻٽر سببن جي ڪري نامياري اديب تاج جويي جي نالي، ولي رام ولڀ جي رضامنديءَ سان ڇپيو. روشني پبليڪيشن پاران اهو ڪتاب ڊيمي سائيز جي 294 صفحن تي ڇپايو ويو. انهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌ تحقيقي بورڊ، مترجم جي رضامنديءَ کانسواءِ ’ورو‘ نالي سان 2002ع ۾ ڇاپيو، جيڪو 222 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. ساڳئي ڪتاب کي هندستان ۾ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيءَ ۽ نولراءِ بچاڻيءَ ڪجهه لفظي تبديليءَ سان آندو، جيڪو ساڳئي سنڌي ترجمي تان ورتل آهي. اهو ٽيون ڇاپو 2005ع ۾ ستيه ڪشيان پبليڪيشن، اجمير (هندستان) پاران ڇپايو ويو، جيڪو ڀارت ياترا دوران مترجم کي تحفي طور مليو. انهيءَ ڪتاب جي قيمت 37 روپيا ۽ صفحا 268 آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو